رھڙڪي (ن پ ا) رھڙڪيءَ لڳ ڳوٺ نئون ڪوٽ جو رهواسي پرائمري استاد پراسرار نموني گم ٿي ويو. ڏهرڪيءَ مان ٻه ڏينهن اڳ پراسرار طور گم ٿيل نوجوان جي اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو آهي. نوجوان عبدالحڪيم چنا جي والد عبدالمجيد چنا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجو پٽ پرائمري اسڪول جو استاد آهي جيڪو ٻه ڏينهن اڳ پنهنجي پگهار وٺڻ لاءِ ڏهرڪي ويو ته واپس نه موٽيو، سندس موٽرسائيڪل ڏهرڪيءَ ۾ بينڪ ٻاهران ملي، جڏهن ته گهڻي ڳولا باوجود نوجوان جو هن مهل تائين ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي. هنن جو چوڻ هو ته اسان جي ڪنهن سان ڪا به دشمني ناهي. شڪ آهي ته نوجوان اغوا ڪيو ويو آهي. هنن ايس ايس پي گهوٽڪي کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽس وٺي گم  ٿيل نوجوان کي بازياب ڪرايو وڃي.