ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر ۽ صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته سپريم ڪورٽ کي آئين تحت فيصلو ٻڌائڻ جو اختيار آهي پر کيس پنچائت ڪرڻ جو اختيار ناهي، مُلڪ ۾ چونڊون هڪ ئي ڏينهن ٿيڻ گھرجن، ، جيڪڏهن رڳو پنجاب ۾ ئي چونڊون ڪرايون ويون ته اهو عمل نئون ون يونٽ قائم ڪرڻ جي برابر هوندو. ڪالهه پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته مُلڪ ۾ جوڊيشل مارشل لا لڳل آهي، هن وقت عدالتي فيصلن سبب ئي بحران آيل آهي، عمران خان جو مزاج ڪنهن صورت ۾ به سياسي ناهي، هن شخص مُلڪ کي سياسي ۽ معاشي بحران ڏانهن ڌِڪيو آهي، هن چيو ته جڏهن سنڌ ۽ بلوچستان چون ٿا ته ته چونڊون هڪ ئي ڏينهن ٿيڻ گھرجن ته پوءِ ضِد ڇو پيو ڪيو وڃي؟ هن وڌيڪ چيو ته هر مسئلي جو فُل ڪورٽ آهي، سپريم ڪورٽ جا سڀ جج فيصلو ڪن، اڳوڻي صدر آصف زرداري وڏي ڳالهه ڪئي آهي ته 3 تڪراري ججز تڪراري فيصلو نه ڪن، هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عمران خان کي اپريل 2022ع  کان ئي اندر رکڻ (گرفتار ڪرڻ) گھرجي ها پر کيس کُليل ڇوٽ ڏني وئي، انهي ڪري هُو ادارن خلاف ڳالهائي رهيو آهي، هن چيو ته ملڪي بحران جو حل سياستدانن وٽ آهي، سياسي فيصلا سياستدانن کي ئي ڪرڻ ڏنا وڃن