لنڊن (دلچسپ نيوز) رڍن جو قافلو اڏام کٽولي بڻجي ويو، انوکي تصوير وائرل ٿي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب برطانوي شهر سسيڪس ۾ رڍن جو اهو انوکو قافلو ڏسڻ ۾ آيو، رڍن اهڙي نموني قافلو بڻايو اهو اڏام کٽولي جيان نظراچڻ لڳو، قافلي جي تصوير سوشل ميڊيا تي رکي وئي جيڪا منٽن ۾ ئي وائرل ٿي وئي جنهن بعد ان تي دلچسپ تبصرا پڻ شروع ٿي ويا ڪجهه صارفين ان کي اڏام کٽولي سان ڀيٽا ڏيڻ لڳا جڏهن ته اڪثر صارفين ان حوالي سان ٿيل ڦوٽو گرافي جي ساراهه ڪئي.