رپڙي (رپورٽ: خواجا نياز محمد) رپڙي جي ڳوٺ ڄام خان شيخ جي نينگري بينظير ولد غلام حيدر شيخ صحافين آڏو دانھيندي چيو ته گذريل رات دير سان ڳوٺ قائم ناريجو واسي جوابدار ڪامران ناريجو ۽ ٻين گهر ۾ گهڙي ھٿيارن جي زور تي اغوا ڪري کڻي وڃي ھڪ ويران جڳهه تي کڻي اجتمائي زيادتي جو نشانو بڻائڻ بعد جوابدار فرار ٿي ويا، اھڙو اطلاع بھارو ٿاڻي تي ڏنو ويو پر پوليس فريد ناريجو، دودو ناريجو، ۽ سليم ناريجو کي گرفتار ڪرڻ بعد گم ڪري ڇڏيو، جنهن بعد سوشل ورڪر ميڊم شھناز شيخ پاران سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ڪرڻ کانپوءِ ايس ايس پي خيرپور نوٽيس ورتو ۽ پوليس حرڪت ۾ اچي وئي، جنھن بعد پوليس اٽالن ڳوٺ قائم ناريجو تي چڙهائي ڪري مک جوابدار ڪامران ناريجو کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ايس ايچ او بھارو سان رابطو ڪيو ويو ته ان ٻڌايو ته ميڊيڪل لاءِ نينگري کي ليٽر ڏنو آهي، جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويندو وڌيڪ ڪارروائي رپورٽ اچڻ بعد ڪئي ويندي.۽ چيو ته اڃا تائين ڪو به جوابدار گرفتار ناهي ڪيو.