رپڙي (ن پ ا) رپڙي ويجهو بھارو ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڄام خان شيخ واسڻ 14 سالا نينگري بينظير شيخ سان اجتمائي ڏاڍائي جو انڪشاف ٿيو آهي، متاثر نينگري بينظير شيخ جو چوڻ آهي ته ڳوٺ قائم ناريجو واسي ڪامران، دودو ۽ ٻين ھٿيارن جي زور تي اغوا ڪري اجتمائي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو، ٻئي طرف بهارو پوليس ڏاڍائي جو نشانو بڻيل نينگري کي ميڊيڪل لاءِ ليٽر ڏئي اين سي داخل ڪري ڇڏي، نينگري جي وارثن جو چوڻ آهي ته بھارو پوليس ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ھو پر شڪ آهي ته رشوت وٺي کين آزاد ڪيو ويندو.