رپڙي (ن پ ا) رپڙيءَ ڀرسان 10 ٻارن جي ماءُ مبينا طور زھريلي دوا پي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو. ڳوٺ محمد شنباڻيءَ  ۾ مسمات حسينا شنباڻي گهرو اڻبڻت تان انتھائي قدم کنيو. رپورٽ موجب رپڙيءَ ڀرسان گلو سيال ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد بخش شنباڻي ۾ 40 سالن جي حسينا شنباڻي زال راجا خان شنباڻي مبينا طور گهرو اڻبڻت تان زھريلي دوا پي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو. ان ڏس ۾ فوتي عورت جي مڙس راجا خان شنباڻي ۽ ڀاءُ عبدالخالق شنباڻي ٻڌايو ته حسينا خاتون گهرو اڻبڻت تان ئي انتھائي قدم کنيو آهي. واقعي بعد گلو سيال پوليس لاش کڻائي گمس اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو. ان ڏس ۾ پوليس معاملي جي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.