رپڙي (ن پ ا) رپڙيءَ ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ گوليون هڻي قتل ڪيل نوجوان جي تدفين، مقتول جي پيءُ جي فرياد تي ڪيس داخل، 10 جوابدار نامزد، گرفتاريون نه ٿيون. رپورٽ موجب رپڙيءَ ڀرسان بھارو ٿاڻي جي حد ڳوٺ امير بخش سروهي واسي نوجوان تنوير سروھي کي ٻه ڏينهن اڳ سندس ئي برادريءَ جي ماڻهن ڪارنهن الزام هيٺ گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو، گذريل ڏينهن مقتول نوجوان جي تدفين اباڻي قبرستان ۾ ڪئي وئي. جڏهن ته مقتول جي والد اعظم سروھيءَ جي فرياد تي بھارو ٿاڻي تي ابراهيم عرف نوني سروھي، ناصر، عامر، سڪندر، انور، گل حسن عرف بابر ۽ الھوڌايو سميت 10 جوابدارن مٿان داخل ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ بھارو پوليس جو چوڻ هو ته گرفتاريءَ لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، في الحال ڪو به جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو آهي.