رپڙي (ن پ ا) رپڙيءَ ويجهو يوسي وڏا مھيسر  ۾ پيپلز پارٽي ۽ جي ڊي اي اميدوارن چونڊ مهم تيز ڪري ڇڏي، مختلف شهرن توڙي ڳوٺن ۾ ڪارنر گڏجاڻيون ۽ تعزيتون جاري. رپورٽ موجب احمدپور ويجهو يوسي وڏا مھيسر جي مختلف علائقن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي نامزد اميدوارن دين محمد شاھ بخاري، احسان علي مھيسر، تراب خان شر، عبداللطيف شاھ بخاري ۽ ٻين مختلف ڳوٺن ۾ ڪارنر گڏجاڻيون ڪيون. ڳوٺ نوراجا ۾ دين محمد شاھ بخاري جي رھائش گاھ تي چونڊ جلسو پڻ منعقد ڪيو ويو. اڳواڻن دعويٰ ڪئي ته ھن ڀيري به مڪاني چونڊن ۾ پ پ اميدوار وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيندا.