رپڙي (رپورٽ: خواجه نياز محمد) رپڙي ۽ ڀرپاسي ٻيلي کاتي جي زمينن تي قبضا، وڻن جي واڍي ڪري فصل پوکڻ جو سلسلو شروع، علائقي واسين جو احتجاج، نوٽيس وٺي ٻيلا بچائڻ جو مطالبو. رپورٽ موجب رپڙيءَ ڀرسان ڪچي واري علائقي جي ڪنڀر ڦير، بٺ مڱڻيجا، راحت ٻيلو، گُندي بلاڪ، شاھاڻي بلاڪ، مالھي ٻيلو، ناريجا بلاڪ سميت ٻيلي کاتي جي سوين ايڪڙ زمين تي بيٺل ٻٻر جا وڻ وڍي ڪمند ۽ ٻيا فصل پوکڻ جو سلسلو تيز ٿي ويو آهي. علائقي واسين چوڏيو جاگيراڻي، غلام اڪبر، غلام سرور، عبدالشڪور، حبيب الله، نظر محمد ۽ ٻين وڻن جي غيرقانوني واڍي خلاف  احتجاج ڪندي چيو ته ٻيلي کاتي جا عملدار ۽ مقامي بااثر ملي ڀڳت تحت ٻيلا تباھ ڪرائي رهيا آهن، مظاهرين جو چوڻ هو ته اسان جي گذر سفر جو واحد ذريعو چوپايو مال آھي ۽ مال جياپي جو دارومدار جهرجهنگ تي آهي، جيڪڏهن ٻيلا ختم ٿي ويا ته فاقاڪشي جو شڪار ٿي وينداسين. هنن مطالبو ڪيو ته ڪچي واري علائقي مان وڻن جي غيرقانوني واڍي بند ڪرائي وڃي. ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي ڊويزنل فاريسٽ آفيسر ضيادالله لغاري جو چوڻ هو ته وڻن جي واڍيءَ ۾ ملوث بااثرن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.