رپڙي (ن پ ا) رپڙيءَ جي ڪچي واري علائقي ۾ نانگ ڪکيل شخص اسپتال ۾ فوت ٿي ويو. رپورٽ موجب رپڙيءَ ڀرسان ڪچي واري علائقي ڳوٺ صادق ڪلھوڙو جي رھواسي 50 سالن جي پورھيت ممتاز علي ڪلھوڙو کي ڪجهه ڏينهن اڳ پڪي طرف ويندي نانگ ڪکي وڌو هو، جيڪو جسم ۾ زهر ڦهلجي وڃڻ سبب گذريل سول اسپتال خيرپور فوت ٿي ويو. ان ڏس ۾ فوتيءَ جي وارث خادم ڪلهوڙي ٻڌايو ته پورهيت مناسب علاج نه ملڻ سبب فوت ٿي ويو. جڏهن ته لاش کڻائڻ لاءِ اسپتال انتظاميا پاران ايمبولينس به نه ڏني وئي، جنهن ڪري پرائيويٽ گاڏي ڪرائي لاش ڳوٺ کڻي وياسين.