ڪراچي: مختلف کاتن جي رٽائرمينٽ ويجھو پهچندڙ آفيسرن کان اينٽي ڪرپشن، نيب ۽ وزيراعليٰ انسپيڪشن ٽيم وٽ ڪرپشن توڙي ٻين معاملن جي هلندڙ انڪوائرين جا تفصيل گھرايا ويا آهن. ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب ته سنڌ حڪومت پاران رٽائرمينٽ ويجھو پهتل مختلف کاتن جي ڪيڊر توڙي نان ڪيڊر آفيسرن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي  مختلف ادارن ۾ هلندڙ انڪوائرين بابت وضاحت پيش ڪن، انهن ادارن کان  ڪليئر ٿيڻ بعد سندن رٽائرمينٽ جا ڪيس اڳتي وڌايا ويندا