سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) “نالي الک جي ٻيڙو تارو منھنجو،” سنڌ جي امر ڪردار ڀڳت ڪنور رام جي شھادت کي 83 سال گذري ويا، ڀڳت ڪنور رام جي شھادت وارو ھنڌ تاريخي رُڪ ريلوي اسٽيشن ويران بڻيل، قديمي ريلوي اسٽيشن کنڊر ۾ تبديل ٿي وئي، وفاقي توڙي صوبائي حڪومت مالڪي نه ڪئي. سنڌ حڪومت طرفان شھيد ڀڳت رام جي يادگار جوڙائڻ واري اعلان تي عمل نه ٿي سگھيو. حاصل ڪيل ڄاڻ موجب 1939ع ۾ سنڌ اندر ھندو مسلم وڳوڙن دوران قتل ٿيل صوفي سنت امر شهيد ڀڳت ڪنور رام جي شھادت واري جاءِ رُڪ ريلوي اسٽيشن کنڊر ۾ تبديل ٿي وئي. 1898ع ۾ برطانوي سرڪار پاران تعمير ڪرايل رُڪ ريلوي اسٽيشن حڪومتي بي ڌياني سبب کنڊر بڻجي وئي. ويجهي ماضيءَ جو اهم ڪاروباري مرڪز اجڙي ويو. مقامي رھواسي ۽ ڀڳت ڪنور رام جي شھادت جي اکين ڏٺي شاھد ھجڻ جي دعويدار 100 ورھين جي پيرسن عبدالمجيد عرف مجن ابڙو مطابق رُڪ ريلوي اسٽيشن ننڍي کنڊ جي مشهور ريلوي اسٽيشن ۽ وڏو ڪاروباري مرڪز هئي. آئون ريلوي اسٽيشن جي هڪ هوٽل تي ڪم ڪندو هئس. پهرين نومبر 1939ع اربع تي شام ڌاري ڀڳت ڪنور رام منجهند ڌاري ٽرين ذريعي پنهنجي ڳوٺ وڃڻ لاءِ رُڪ ريلوي اسٽيشن تي پھچي پنهنجن ساٿين لاءِ اسٽيشن جي ھوٽل تان ماني ورتي. ٽرين ۾ويهي ڀوڄن ڪرڻ بعد ڀڳت ڪنور رام ھٿ ڌوئڻ لاءِ پاڻيءَ جي ٽانڪي تي پھتو ته تاڙ ۾ ويٺل قاتل مٿس فائر ڪيو، ڀڳت کي سکر ويندڙ ٽرين ۾ ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نيو ويو پر هو رستي ۾ ئي ديھانت ڪري ويو. ان بعد رُڪ ريلوي اسٽيشن ڪيترائي ڏينهن ويران رهيو. ھڪ صوفي منش انسان جي ناحق قتل سبب ماضيءَ جو شاندار ڪاروباري مرڪز ۽ شاندار ريلوي اسٽيشن کنڊر بڻجي وئي. واضح هجي ته 2010 ۾ باگڙجي شھر سان تعلق رکندڙ تڏهوڪي پ پ ايم پي اي پيتامبر لعل سيوهاڻي اعلان ڪيو ھو ته رُڪ ريلوي اسٽيشن تي سنڌ حڪومت پاران ڀڳت ڪنور رام جي نالي يادگار تعمير ڪرايو ويندو، ان کان علاوه مختلف تنظيمن پ پڻ اھڙا اعلان ڪيا پر اڃا تائين ڀڳت جي يادگار نه جڙي سگهي آهي. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي پيتامبر لعل سيوهاڻي جو چوڻ آھي ته مون يادگار تعمير ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ھو پر سنڌ سرڪار ريلوي جي زمين تي يادگار تعمير ڪرائڻ جي اجازت نه ڏني، ڇو ته اِھا وفاقي حڪومت جي پراپرٽي آهي.