حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان 60 جي ڏهاڪي ۾ شروع ٿيل تاريخي زرعي پروگرام جا ڏينهن گهٽائي ان کي ٻن ڏينهن تائين محدود ڪيو ويو آهي. آبادگارن جي ڄاڻ لاءِ شروع ڪيل پروگرام اڳي هفتي جا ست ئي ڏينهن نشر ڪيو ويندو هو جنهن کي ترتيب ڏيڻ لاءِ زراعت کاتي جا آفيسر مقرر ٿيل هوندا هئا. آفيسر رٽائرڊ ٿيڻ بعد زراعت کاتي آفيسرن کي ريڊيو تي مقرر ڪرڻ وارو سلسلو بند ڪري ڇڏيو جنهن کانپوءِ ان اهم پروگرام جا ڏينهن گهٽائي 5 ڏينهن تائين محدود ڪيو ويو هو پر هلندڙ مهيني کان ان پروگرام سان وڌيڪ ويڌن ڪري ان کي صرف سومر ۽ خميس جي ڏينهن تائين محدود ڪيو ويو آهي. ان پروگرام لاءِ ماضي ۾ زراعت کاتي جا آفيسر ممتاز مهر، محمد حسين قادري، محمد خان جروار ۽ عبدالمجيد مغيري سميت ٻيا آفيسر مقرر ٿيل هئا. اهي آفيسر زراعت ۽ مال جي پالنا وارن کاتن سميت زرعي ۽ سنڌ يونيورسٽي مان ماهرن کي گهرائي آبادگارن کي ڄاڻ فراهم ڪندا هئا. 15 منٽن جو اهو پروگرام پنهنجي وقت جو انتهائي اهم پروگرام تصور ڪيو ويندو هو. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي موجوده اسٽيشن ڊائريڪٽر خليل ڪاڪيپوٽي ان پروگرام جا 3 ڏينهن گهٽائي من پسند ڪمپيئرن کي الڳ پروگرام ترتيب ڪري ڏنا آهن. انهن پروگرامن ۾ اڄ جو فنڪار، ڪچهه ڪهيئي، ڪچهه سنيئي ۽ مهراڻ جا موتي شامل آهن. انهن ٽنهي پروگرامن جو پروڊيوسر عبدالرحيم ڏاهري کي مقرر ڪيو ويو آهي. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان صوبائي نشرياتي رابطي طور نشر ٿيندڙ پروگرام تارن ڀري رات کي بجلي جي اڻهوند جو جواز ڄاڻائي ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي. اهو پروگرام ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان نشر ٿيندو هو جيڪو ڪراچي، خيرپور، لاڙڪاڻو، مٺي، ڀٽ شاهه ۽ ايف ايم 101 تان هڪ ئي وقت ريلي ڪيو ويندو هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ريڊيو جي انتظاميا اهو جواز ڄاڻايو ته اسٽيشن تي بجلي جو مسئلو ٿئي ٿو جنهن جي ڪري ٻين اسٽيشنن کي پروگرام نٿو ملي. ان پروگرام کي ڪراچي منتقل ڪيو ويو. هوڏانهن 80 جي ڏهاڪي کان شروع ڪيل پروگرام صبحِ مهراڻ کي بند ڪري خيرپور مان صبحِ مهراڻ جي نشريات ريلي ڪرڻ جي تجويز پڻ غور هيٺ آهي. واضح رهي ته ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان علم، ادب ۽ ثقافت کي فروغ ڏيڻ لاءِ مختلف پروگرام نشر ٿيندا رهيا آهن پر موجوده اسٽيشن ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسرن جي عدم دلچسپي سبب سنڌ جي اهم ريڊيو اسٽيشن تباهي جي ڪناري تي وڃي پهتي آهي.. ٻئي پاسي تاريخي پروگرام “رتيءَ جي رهاڻ” به بند ڪيو ويو هي. اهو پروگرام ناميارو اديب، دانشور، مها ڏاهو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪندو هو.