ريپ اسڪينڊل جو جرڳو: لاڪپ ٿيل جوابدار جو شاگردياڻي سان نڪاح: ڪيس ختم!!

0
838

ٺارو شاهه: شاگردياڻي سان زيادتي ۽ تصويرون وائرل ٿيڻ واري اسڪينڊل ۾ نئون رخ سامهون آيو آهي

شاگردياڻي کي بليڪ ميل ڪندڙ جوابدار جڏهن لاڪپ ٿيو ته کيس بچائڻ لاءِ بااثر سرگرم ٿيا ۽ رات جي پيٽ ۾ جرڳو ٿي ويو

شاگردياڻي بسما ميمڻ ۽ الزام هيٺ آيل جوابدار عمران راجپوت جو رات جي پيٽ ۾ انوکو نڪاح ڪرايو ويو، لاڪپ حوالي ٿيل جوابدار کان مولوي، شاهدن ۽ وڪيل نڪاح نامي تي صحيون ورتيون

شاگردياڻي جي والدين شرط رکيو ته جيڪڏهن جوابدار سندن ڌيءُ کي ڇڏيندو ته پوءِ 25 لک ڏنڊ، 5 تولا سون ڏنڊ طور ڀريندو، جڏهن ته شادي لاءِ ڏاج لاءِ ٽي لک رپيا به ڏيندو

ڳجهي نڪاح ۾ جوابدار ڌر طرفان ٽائون ڪميٽي جو ڪائونسلر عبدالرئوف خانزادا ۽ متاثرن طرفان ڪائونسلر سيد احمد شاهه ظامن طور سامهون آيا

شاگردياڻي ۽ جوابدار جو نڪاح ٿيڻ بعد ان ڳالهه تي راضي نامو ڪيو ويو ته هاڻ جوابدار عمران راجپوت تان ختم ڪرايو ويندو، جڏهن عمران واپس ايندو ته ڇوڪري جي رخصتي ڪئي ويندي

ھي به پڙھندا

ٺارو شاهه ۾ شاگردياڻي جي لڄ لٽڻ وارو اسڪينڊل: جوابدار پڪڙڻ لاءِ پهتل پوليس اهلڪار يرغمال