سيالڪوٽ (م ڊ) پنجاب جي وڏي وزير جي اطلاعات بابت صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڊسڪا ۾ تحريڪ انصاف جو مقابلو ڏوهاري گروپن ۽ ريٽرننگ آفيسرن سان به هو. پنهنجي ٽوئٽ ۽ پريس ڪانفرنس ۾ فردوس عاشق اعواڻ چيو ته(نواز) ليگ جي وفادارين جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌل آر او ڊسڪا منشيات فروشن ۽ قبضه مافيا جي مدد ڪنديب (نواز) ليگ کي اليڪشن کٽرائڻ ۾ آخرڪار ڪامياب ٿي ويا. اسجد ملهي ۽ تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن کي(نواز) ليگ جي گاڊ فادرز جو ڄمي مقابلو ڪرڻ تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿي. فردوس عاشق وڌيڪ چيو ته ڊسڪا ۾ تحريڪ انصاف جو مقابلو ڏوهاري گروپن کان علاوه آر او ڊسڪا سان به هو. حڪومتي پريشر کان پاڪ چونڊن جو ان کان اڳ ڪوبه مثال نٿو ملي. سمورن انتظامي اختيارن جي باوجود پنجاب حڪومت اليڪشن ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت نه ڪري ادارن کي آزاد ۽ خودمختار بنائڻ جو اعليٰ مثال قائم ڪيو.