لاهور(م ڊ)پاڪستان ريلوي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ريلوي واري وفاقي وزير سعد رفيق تيزگام ايڪسپريس ڊائننگ ڪار ۾ ڊانس واري واقعي جو سخت نوٽيس ورتو آهي ۽ واقعي ۾ ملوث ذميوارن کي سزا جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. هن چيو ته ٽرين جي مئنيجمينٽ هڪ نجي ڪمپني وٽ آهي، جنهن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي، مناسب جواب نه ملڻ تي آپريٽر جو لائسنس رد ڪيو ويندو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن تيز گام ريل گاڏي ۾ کدڙا فقير گانن تي رقص ڪندا رهيا ۽ مسافر جهومندا ۽ تاڙيون وڄائيندا رهيا.