ريل حادثن جي تاريخ ۽ ان جا مک سبب

0
209
“مسئلا گھر بڻيل” سول اسپتال ڪراچي ۽ سرڪار جون دعوائون!!

سڄي دنيا ۾ ريل جو سفر نه صرف سستو پر سڀ کان محفوظ سمجهيو وڃي ٿو، پاڙيسري ملڪن ڀارت ۽ بنگلاديش ۾ ڏسبو ته اتي به ريلوي جي سرشتي کي نه صرف جديد پر ٽيڪنالاجيءَ جي استعمال سان وڌيڪ محفوظ ۽ سهولتن سان ڀرپور بڻايو ويو آهي. چين ۽ جاپان ۾ تيز ترين رفتار رکندڙ بلٽ ٽرينون هلايون پيون وڃن، مطلب جتي دنيا جو ريلوي نظام بهتريءَ کان به اڳتي ترقيءَ طرف وڌي رهيو آهي اهڙي وقت ۾ اڄ به اسان وٽ پراڻو انگريز دور جو ريلوي نظام ئي لاڳو آهي جنهن کي بهتر ڪرڻ ته ٺهيو پر ڄڻ ته هٿ وٺي کيس روز بروز تباهه ڪرڻ سان گڏ نه صرف مهانگو ڪيو ويو آهي.
اسان وٽ ريل جا حادثا ڪا نئين ڳالهه ناهن، اهي روزانو گهٽجڻ بجاءِ وڌندا پيا وڃن ۽ وڏي تعداد ۾ مسافر زندگيون اجل جو شڪار ٿي رهيون آهن، اهڙو ئي هڪ حادثو ٻه ڏينهن اڳ ريتي ڀرسان ٿيو آهي جتي ٻن ٽرينن جي ٽڪر ۾ 63 ماڻهو زندگيون وڃائي ويٺا آهن ۽ فوتين جي انگ ۾ تيزيءَ سان اضافو ٿي رهيو آهي، نه صرف ڪالهه ڏهرڪي ڀرسان ريتي ريل حادثو پر اسان جي ملڪ ٿيل وڏن ريل حادثن ۽ ٿيل جانين نقصانن تي نظر وجهبي ته انهن حيران ڪندڙ هڪ جهڙايون آهن، مثال طور هتي اڪثر حادثا رات جي پوئين پهر ۾ گهوٽڪي ۽ سکر ضلعن جي حدن مان گذرندڙ ريلوي رستن تي ئي ٿيا آهن. جنهن ۾ اڪثر ڪري ننڊ جو غلبو يا ڪنهن ڊرائيور جي غلطيءَ کي سبب ڄاڻايو ويو آهي. سڀ کان وڏو ريل حادثو 1990ع سکر لڳ سانگي ريلوي اسٽيشن تي ٿيو جنهن ۾ 220 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا. هڪ سال جي وقفي بعد 1991ع ۾ گهوٽڪي ويجهو ٿيل ريل حادثي 50 ماڻهو موت جي منهن ۾ ويا. 1997ع ۾ وري ذوالفقار ايڪسپريس حادثي جو شڪار بڻي جنهن ۾ 175 ماڻهو فوت ٿيا. سال 2000ع ۾ گهوٽڪيءَ وٽ ڪراچي ايڪسپريس سان ٿيل حادثي ۾ 21 ماڻهو موت جو شڪار بڻيا، نه صرف ايترو پر جڏهن ملڪي تاريخ ۾ هڪ ئي وقت ٽن ٽرينن وچ ۾ پهريون ڀيرو خطرناڪ ٽڪر وارو حادثو به 13 جولاءِ 2005ع تي گهوٽڪي ضلعي جي سرحد واري علائقي ۾ رات جي پوئين پهر ۾ ان وقت پيش آيو جڏهن ڪوئٽا ايڪسپريس بوگين جي خرابيءَ سبب بيٺي ته لاهور کان ايندڙ ڪراچي ايڪسپريس کيس زوردار ٽڪر هنيو ته بوگيون اڏامي ٻي ٽريڪ تي ڪريون ۽ ان ٽريڪ تان ايندڙ تيزگام ساڳين بوگين سان ٽڪرائجي ٽريڪ تان لهي وئي. 3 ريل گاڏين ۾ ٿيل خوفناڪ ٽڪر سبب 140 ماڻهو موقعي تي فوت ٿيا، 233 زخمي ٿيا جن مان ڪيترائي زخمي بعد ۾ زندگيءَ جي جنگ هارائي ويا. سنڌ جي حدن ۾ ٿيل ريل حادثا اتي ئي ختم نه ٿيا پر 2 سال اڳ 11 جولائي 2019ع ۾ ضلعي گهوٽڪيءَ جي ڀرسان راولپندي کان ڪوئٽا ويندڙ اڪبر بگٽي ايڪسپريس اڳيان بيٺل مال گاڏيءَ سان ٽڪرائجڻ سبب 6 سنڌ واسين سميت 21 پنجاب واسي زندگيون وڃائي ويٺا. ان حادثي جي چئن مهينن کانپوءِ ساڳئي سال پهرين نومبر 2019ع تي گهوٽڪي ضلعي جي سرحد مان گذرندي تبليغي اجتماع ڏانهن ويندي صادق آباد ڀرسان تيز گام بوگين ۾ باهه لڳڻ سبب صرف ميرپورخاص جي 19 ڄڻن سميت سنڌ جي مختلف شهرن جا 74 حادثي جو شڪار بڻيا ۽ سال 2020ع جي ٻئي مهيني 28 فيبروري تي رات جي وقت ڪراچيءَ کان ملتان ويندڙ ڪراچي ايڪسپريس روهڙي ويجهو کليل جاڙي ماءُ ڦاٽڪ وٽان مسافر بس سان ٽڪرائجي وئي نتيجي ۾ 19 مسافر موت شڪار ٿيا.

انهن سموري ريل حادثن جي پوري تاريخ ۾ اهم ڳالهه اها آهي ته انهن ريل حادثن جي ذميوارن کي ڪڏهن به ڪا سزا نه آئي آهي يا انهن ذميوارن جي چٽي هيٺين سطح جي ننڍڙن ملازمن  جي برطرفيءَ جي صورت ۾ ڀري ويندي آهي ڪڏهن ڪڏهن وري ڊرائيور جي غفلت ڄاڻائي وڏي تسليءَ سان فائيل بند ڪيو ويندو آهي ۽ پوءِ وقت جي ٿوري وٿيءَ سان ٿيندڙ ريل حادثا نه صرف بدانتظاميءَ جي خبر ڏيندا رهيا آهن پر پنهنجو بار لاهي ٻين تي وجهڻ جو موقعو مهيا ڪن ٿا. اهڙن حادثن کانپوءِ ريل جي وزارت سنڀاليندڙ وزيرن جي به اها روايت رهي آهي ته اهي حادثن جي اصل سبب تي پهچي ان جي درستگيءَ بجاءِ پنهنجو بار لاهي هيٺين عملي تي هڻندا آهن. ريتي ريل حادثي بعد به ايئن ٿيو آهي ۽ ريلوي جي وفاقي وزير اعظم سواتي جنهن جي سنجيدگي اها آهي جو واقعي واري جاءِ تي پهچڻ باوجود گاڏيءَ مان لهڻ جي به زحمت نه ڪئي ۽ اندر ويهي معائنو ڪري واپس وڃي پريس بريفنگ ۾ ريل حادثي جو ذميوار ڊي ايس ميان طارق لطيف کي قرار ڏئي حسب روايت پنهنجو بار لاٿو ويو آهي. پر اسين سمجهون ٿا ريتي ريل حادثي جو ذميوار اڪيلو ڊي ايس ناهي پر ذميوارن جي پوري ڪڙي آهي جن خلاف سنجيدگيءَ سان غور ويچار ڪري پنهنجو بار لاهڻ بجاءِ کين ذميواريءَ جو احساس ڏيارڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته ڪنهن به سماج جو ڪارونهوار بهتر انتظام ۽ صرف ذميواريءَ وارن روين تي دارومدار رکي ٿو.