ريلوي اختيارين جي نااهلي، مسافر ٽرين جي ڇتين تي چڙهي سفر ڪرڻ تي مجبور!!

0
258

ڪراچي: ريلوي اختيارين پاران عيد اسپيشل ٽرينون نه ھلائڻ سبب مسافر ٽرينن تي ڇتين تي چڙھي سفر ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا. ڪراچي کان پنجاب ۽ سنڌ جي مختلف ضلعن ڏانھن ويندڙ مسافر اباڻن ڳوٺن ڏانھن وڃڻ لاء پريشان آهن. خيبر ميل. سکر ايڪسپريس. عوام ايڪسپريس. ھزارہ ۽ ٻين ٽرينن ۾ مسافرن جي ڇتين تي چڙھي سفر ڪرڻ واري ويڊيو ٽائيم نيوز کي ھٿ اچي وئي. ڪراچي جي ڪينٽ اسٽيشن تان ويندڙ مسافر بغير ماسڪ ۽ سماجي وٿي جي سفر ڪرڻ لڳا، ريلوي اختيارين ايس او پيز تي به عمل نه ڪرايو.