ڪراچي: انساني حقن واري کاتي جي اختيارين ڊپٽي اسپيڪر، 2 خاص معاونن ۽ هڪ صوبائي سيڪريٽري تي 4 سرڪاري گاڏيون واپس نه ڪرڻ جو الزام هڻندي چيف سيڪريٽري کي خط لکي ڇڏيو. انهي خط ۾سفارش ڪئي وئي آهي ته  سنڌ اسيمبلي جي موجوده ڊپٽي اسپيڪر ريحانه لغاري کان سوزوڪي بولان جي ايس بي 249، انساني حقن بابت اڳوڻي اسپيشل اسسٽنٽ ويرجي ڪولهي کان سوزوڪي ڪلٽس اي ايف آر 2017ع ،  خاص  معاون ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ کان سوزوڪي مهراڻ جي ايس بي 248،  کاتي جي  اڳوڻي ڊائريڪٽر ۽  ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي هاڻوڪي سيڪريٽري عمران عطا سومرو کان سوزوڪي بولان جي ايس بي 250 واپس ڪرائي ڏني وڃي. واضح رهي ته انساني حقن واري کاتي ۾ صلاحڪار، خاص معاون  ۽ آفيسر رهندڙن سرڪاري گاڏيون پاڻ وٽ ئي رکي ڇڏيون آهن.