ممبئي(شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪارا ماهرا خان سوشل ميڊيا اڪائونٽ انسٽاگرام تي پنهنجي فلم “دي ليجنڊ آف مولا جٽ“ جو پوسٽر شيئر ڪيو جنهن تي ڀارتي اداڪار ريتڪ روشن به تبصرو ڪيو آهي. ماهرا خان طرفان شيئر ڪيل پوسٽر تي پاڪستاني اداڪارائن سميت مشهور شخصيتن تبصرو ڪيو پر انسٽاگرام پوسٽ ڌيان جو مرڪز ان وقت بڻجي جڏهن ريتڪ روشن به پوسٽ هيٺان ڪمنٽ ڪيو. ڀارتي اداڪار ريتڪ روشن پنهنجي پسنديدگيءَ جو اظهار ڪندي لکيو ته اهو گهڻو پيارو آهي. واضح رهي ته فلم “دي ليجنڊ آف مولا جٽ” بلال لاشاري جي هدايت ۾ بڻجي رهي آهي جيڪا 13 آڪٽوبر تي پاڪستان سميت دنيا ۾ گڏجي رليز ڪئي ويندي.