اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي شرعي عدالت هڪ فيصلي ۾ قرار ڏنو آهي ته رياست کي اختيار آهي ته شادي لاءِ گهٽ کان گهٽ عمر مقرر ڪري. وفاقي شرعي عدالت سنڌ چائلڊ ريسٽرينٽ ميرج ايڪٽ 2013 ۾ شادي جي گهٽ کان گهٽ عمر بابت درخواست تي فيصلو ٻڌايو.عدالت ڪراچي سان واسطو رکندڙ ننڍي عمر جي ڇوڪري آرزو فاطمه جي اڳوڻي مڙس علي اظهر جي درخوست رد ڪري ڇڏي. پنهنجي فيصلي ۾ وفاقي شرعي عدالت چيو ته رياست کي اختيار آهي ته شادي لاءِ گهٽ کان گهٽ عمر مقرر ڪري، رياست جو اهو قدم اسلامي قانونن سان نٿو وچڙي. واضح رهي ته آرزو فاطمه اسلام قبول ڪري علي اظهر سان پرڻو ڪيو هو، سنڌ هاءِ ڪورٽ آرزو فاطمه جي علي اظهر سان شادي ننڍي عمر سبب غير قانوني قرار ڏني هئي. علي اظهر سنڌ چائلڊ ريسٽرينٽ ميرج ايڪٽ جي سيڪشن 2 اي ۽ 8 کي چئلينج ڪيو هو، ايڪٽ تحت سنڌ ۾ شادي جي گهٽ کان گهٽ عمر 18 سال مقرر آهي.