بدين (رپورٽر) بدين شهر جي بلاول پارڪ کان نڪرندڙ شاھ برھان روڊ جو ترقياتي ڪم ڪيترن ئي مھينن کان بند ھئڻ خلاف ڳوٺاڻن ۽ اسڪولي شاگردن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي   نياز احمد خاصخيلي، صدام سومرو، انيس احمد چانگ، عاشق علي شاھاڻي، اصغر علي ۽ ٻين پنھنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته شاھ برھان روڊ جيڪو سوين ڳوٺن کي ڳنڊيندي سيراڻي شھر تائين پھچي ٿو، روڊ تباهه ٿيڻ سبب سفري سهولتن کان محروم آهيون، روڊ حادثا معمول بڻيل آهن، نوٽيس وٺي روڊ ٺهرايو وڃي.