حيدرآباد (بيورو رپورٽ) روينيو کاتي جي اختيارين سنڌ ۾ رليف لاءِ ڪم ڪندڙ روينيو جي آفيسرن ۽ ملازمن کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. ان ڏس ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري بورڊ آف روينيو سنڌ شڪيل احمد ابڙي پاران سنڌ جي سمورن ڪمشنرن ۽ ڊي آءِ جيز کي هڪ خط لکي روينيو آفيسرن ۽ عملي کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي سفارش ڪئي. خط ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ جي مختلف علائقن ۾ رليف جون سرگرميون انجام ڏيندڙ آفيسرن ۽ عملي سان مختلف اڻوڻندڙ واقعا پيش آيا آهن. اهڙن واقعن خلاف روينيو جي ملازمن سخت احتجاج ڪندي کين سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ان احتجاج ۽ پيش آيل مختلف اڻوڻندڙ واقعن کي نظر ۾ رکي رليف جي ڪمن کي سرانجام ڏيندڙ آفيسرن ۽ عملي کي سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي ته جيئن هو تحفظ جي احساس هيٺ پنهنجو سرانجام ڏئي سگهن.