ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا روينا ٽنڊن ۽ بالي ووڊ اسٽار اڪشي کنا پهريون ڀيرو گڏ ڪم ڪندا. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب اڪشي ۽ روينا ويب سيريز ليگيسي ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ راضي ٿي ويا آهن، ويب سيريز ليگيسي هدايتڪار وجي گٽ جو پهرين پراجيڪٽ آهي پنهنجي پراجيڪٽ ۾ هن ٻنهي سينئر اداڪارا روينا ٽنڊن ۽ اداڪار اڪشي کنا کي ڪاسٽ ڪري ورتو آهي، فلم جو اسڪرين شاٽ پڻ سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيو ويو آهي.