روھڙي (ن پ ا) روهڙي ۾ پوليس ڪارروائي، پنجاب کان ڪراچي منشيات اسمگلنگ ڪوشش ناڪام، مزدا گاڏي مان 52 مڻ ڀنگ هٿ ڪرڻ جي دعويٰ، هڪ جوابدار گرفتار، ان ڏس ۾  ايس ايچ او روهڙي ياسر احمد کوسو  موجب ته  ڳجھي اطلاع تي پنجاب کان ڪراچي ويندڙ مزدا گاڏي کي قومي شاهراهه تي روڪي تلاشي ورتي ته  گاڏي ۾ 117 ٻورن ۾ ڀريل ڀنگ جا 52 مڻ هٿ آيا،  گاڏي کي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور محمد ابراهيم ولد ڄام کنڊو سومرو کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.