حيدرآباد (رپورٽ: فيض کوسو)  سنڌو درياهه مان سکر وٽان نڪرندڙ روهڙي ڪئنال ۾ 42 ڏينهن کان پاڻي جي فراهم بند ٿيل آهي جنهن سبب روهڙي ڪئنال جي ڪمانڊ ايريا ۾ ايندڙ شهر ۽ ڳوٺ پيئڻ جي پاڻي کان محروم آهن. روهڙي ڪئنال کي ڪٽ ڏئي خيرپور، ڪنڊيارو، نوشهروفيروز، ٺيڙهي، مورو ۽ ٻين علائقن جو برساتي پاڻي ڇوڙ ڪيو ويو هو جنهن سبب اهو پاڻي اڃا تائين ڪئنال جي مختلف حصن ۾ بيٺل آهي جيڪو رنگ تبديل ڪري سائو ٿي ويو آهي ۽ اهو پاڻي پيئڻ لاءِ هاڃيڪار آهي. آبپاشي کاتي جي ذريعن موجب روهڙي ڪئنال ۾ سکر بئراج وٽان 2800 ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪري ان ۾ وڌيڪ پاڻي وهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن تي بااثر ماڻهن اعتراض واريندي پاڻي جي ان ڇوڙ کي روڪائڻ جون ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن. ذريعن موجب خيرپور سميت مختلف علائقن ۾ اڃا برساتي پاڻي بيٺل آهي جيڪو ڪٽ ڏئي روهڙي ڪئنال ۾ ڇوڙ ڪرائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن جنهن سبب روهڙي ڪئنال جي حالت ويتر خراب ٿي ويندي. اڳ ئي ان ڪئنال ۾ خيرپور کان ويندي مٽيارين تائين برساتي پاڻي جو ڇوڙ ڪيو ويو هو جنهن جي ڪري اڏيرو لال ريگيوليٽر تي دٻاءُ وڌي ويو هو ۽ پاڻي نصير ڪئنال، کيسانا واهه ۽ حيدرآباد برانچ ۽ انهن جي شاخن ۾ ڇوڙ ڪيو ويو جنهن سبب اهي علائقا اڃا تائين پاڻي هيٺ آيل آهن. ڪئنال ۾ پاڻي جي ان دٻاءُ سبب اڏيرو لال ريگيوليٽر وٽان ڇنڊڻ جو دروازو به ٽٽي پيو هو جنهن کي هنگامي بنيادن تي ٻيو دروازو لڳائي بند ڪيو ويو هو. ابتدائي طور سنڌ حڪومت ۽ آبپاشي کاتو روهڙي ڪئنال ۾ پاڻي جي ڇوڙ کي روڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام رهيو جنهن جي نتيجي ۾ هاڻي منو  درياهه سڏجندڙ روهڙي ڪئنال گندي پاڻي جي نالي ۾ تبديل ٿي ويو آهي. روهڙي ڪئنال جي ڪمانڊ ايريا جي مختلف علائقن مان اهي مطالبا ٿي رهيا آهن ته روهڙي ڪئنال کي گندي پاڻي جي نيڪال وارو ڪئنال بنائڻ بدران ان ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي ڇوڙ کي وڌيڪ وڌايو وڃي ته جيئن برساتي ٻوڏ کان بچي ويل علائقن ۾ بيٺل فصل کي بچائي سگهجي ۽ خود ٺيڙهي، خيرپور، نوشهروفيروز، ڪنڊيارو، مورو، سعيد آباد، نوابشاهه، سڪرنڊ، مٽياري، نصرپور ۽ ٽنڊو الهيار سميت ٻين شهرن ۽ ڳوٺن کي پيئڻ جو پاڻي ميسر ٿي سگهي