روهڙي (ن پ ا ) روهڙي ويجهو جهانگڙو ٿاڻي جي حد نيشنل ھاءِ وي تي ڳوٺ غلام بند جي رهواسي 4 سال جو عبدالباسط پٽ خالد حسين زنگيجو کي روڊ ڪراس ڪرڻ دوران تيز رفتار ٽرڪ جو ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ سخت زخمي ٿي پيو، ڊاڪٽر موجب ٻارڙي کي مٿي ۾ ڌڪ لڳل آهي ۽ ڄنگهھ ۾ فريڪچر اچي ويو آهي. ھوڏانھن جهانگڙو پوليس ٽرڪ ڊرائيور کي ٽرڪ سميت تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.