روهڙي(ن پ ا) روهڙي جي ويجهو پٽڻي پوليس کي ٻه ڏينهن اڳ بيھوشي واري حالت ۾ هٿ آيل پيرسن کي روهڙي اسپتال ۾ هوش اچي ويو. هوش اچڻ بعد پيرسن پنهنجو نالو عبدالخالق عارف آرائين ٻڌايو. پيرسن جو چوڻ هو ته ايئر فورس جو رٽائرڊ آفيسر ۽ فيصل آباد جي مل ڪالوني جو رهائشي آھيان. سنڌ جي علائقي ميرپورخاص ۾ زرعي زمين آھي، جتان واپسيءَ تي روهڙيءَ ڪنهن نامعلوم شخص دوکي سان نشي واري شيءِ کارائي ته بيھوش ٿي ويس. پيرسن موجب نامعلوم ٺڳ کيسي ۾ پيل ھڪ لک 30 ھزار رپيا ڪڍي ويا آهن. هن انتظاميا ۽ پوليس کي اپيل ڪئي ته کيس سندس گھر پھچايو وڃي.