روهڙي (ن پ ا) روهڙيءَ جي ڇوهارا منڊيءَ واري علائقي ۾ بئراج روڊ ڀرسان سرڪاري سطح تي قائم ڪيل خيما بستيءَ ۾ رھندڙ برسات متاثرن سھولتن جي اڻهوند جون دانهون ڪندي گاجي ميراڻي، مائي حرمت، حليمان، بيگم، قربان شيخ، بابر ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. برسات متاثرن جو چوڻ هو ته خيما بستيءَ ۾ 15 ڏينهن کان رهيل آهيون، ڪيترائي ماڻهو صرف مانيءَ مهل خيمن ۾ ايندا آهن ۽ بعد ۾ هليا ويندا آهن. مانيءَ کان علاوه ڪنهن به قسم جي سهولت نه آهي. هنن جو چوڻ هو ته انتظاميا سهولتون فراهم ڪرڻ بدران اسان جا اصل سڃاڻپ ڪارڊ پاڻ وٽ رکي ڇڏيا آهن. هنن انتظامي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اصلي شناختي ڪارڊ واپس ڪرايا وڃن ۽ گهرن مان برسات جو پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ته جيئن پنهنجي اباڻن اجهن ڏانهن واپس موٽي سگهون.