ڪرمپور (ن پ ا) ڪرمپور ڀرسان عورتاڻي آواز تي هرکجي روهڙي واسي نوجوان اغوا ٿي ويو. روهڙي جي ڳوٺ منڊو ديرو واسي اعجاز ميراڻي عورت جي عشق ۾ ڳڙھي تيغو پهتو، ڌاڙيلن پورهيت نوجوان کي باندي بڻائي ڇڏيو، پيرسن والد نظير ميراڻي پاڪ ڪتاب کڻي ڪرمپور پريس ڪلب پهچي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته 10 ڏينهن اڳ پٽ اعجاز گهران نڪرڻ بعد واپس نه موٽيو، سکر پوليس کي اطلاع ڏنو، پوليس نمبر لوڪيشن معلوم ڪرڻ بعد چيو ته اعجاز عورتاڻي آواز تي هرکجي ڪرمپور ويجهو اغوا ٿيو آهي. هن چيو ته ڌاڙيلن فون ڪري 50 لک ڀنگ گهريو آهي، پئسا نه ملڻ جي صورت ۾ پٽ کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي. پيرسن روئيندي چيو ته غريب آهيون، ٻچن جو پيٽ پالڻ لاءِ پريشان آهيون، ته ايترا پئسا ڪٿان آڻيون، پٽ کي بازياب ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي. هوڏانهن ڪرمپور پوليس لاڙڪاڻي جي ڳوٺ شاھ حسن جي رهواسي احمد علي ڪلهوڙو  کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ايس ايچ او ڪرمپور رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڪلينر ظفر گولو جي بازيابي لاءِ ڳڙھي تيغو ڀرسان ڪچي ۾ سرچ آپريشن دوران لاڙڪاڻي واسي مغوي احمد علي ڪلهوڙو کي بازياب ڪرائي ورتو آهي. ڌاڙيلن گهوٽڪي مان ڳوٺاڻي کي اغوا ڪري وارثن کان 50 لک ڀنگ گهريو هو.