روهڙي (ن پ ا) روهڙيءَ ۾ مستحق عورتن جو بينظير انڪم سپورٽ آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو، آفيس عملي ۽ ڊوائيس هولڊرز خلاف دانهون. تفصيل موجب روهڙيءَ جي بينظير انڪم سپورٽ آفيس اڳيان مستحق عورتن مسمات سڪينه، ناياب ۽ محمد پنھل جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪندي آفيس عملي ۽ ڊوائيس هولڊرز تي الزام هنيو ته کين ڪلاڪن جا ڪلاڪ آفيس ٻاھران بيھاري شام جو ٽائيم ختم ٿيڻ جو بھانو ڪري هٿين خالي واپس موٽايو وڃي ٿو. رجسٽريشن لاءِ چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون. عملو رشوت عيوض من پسند ماڻهن جي رجسٽريشن ڪري رھيو آھي. ان کان علاوه غيرقانوني ڪٽوٽين جو سلسلو به جاري آهي. هنن واسطيدار عملدارن کان مطالبو ڪيو ته مستحق عورتن سان ناجائزيون ڪندڙ انڪم سپورٽ آفيس جي عملي ۽ ڊوائيس مافيا خلاف سخت ايڪشن کڻي جائز مسئلا حل ڪرايا وڃن.