سکر(بيورورپورٽ) ڪراچي، حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي کان پوءِ چيني ڪمپني روهڙيءَ ۾ به صفائي جو ڪم سنڀالي ورتو. سکر لاءِ چيني ڪمپني پاران تازو ئي سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ سان هڪ معاهدو ڪيو ويو هو. روهڙيءَ ۾ چائنيز ڪمپني جي انتظامن  هيٺ صفائي سٿرائي جا انتظام سنڀالڻ جي حوالي سان تقريب روهڙيءَ جي ڪربلا ميدان ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ڊي سي سکر ڊاڪٽر شهزاد طاهر ٿهيم، سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ سکر جي ڊائريڪٽر علي رضا انصاري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. مقررن جو چوڻ هو ته سکر  روهڙيءَ ۾ چائنا ڪمپني ۽ سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ صفائي جو انتظام سنڀالي وٺندا. روزانو 401 ٽن ڪچرو گڏ ٿي رهيو آهي، صفائي جو ڪم عالمي معيار موجب ڪيو ويندو. شهري تعاون ڪن.