روهڙي (رپورٽ: نثار چنجڻ) روهڙيءَ ويجهو جاگيراڻي ڌرين ۾ پراڻي سڱاوتي تڪرار تان ڇڪتاڻ وڌي وئي، ٻيھر جھيڙو، ٽن ڪلاڪن تائين آمهون سامهون فائرنگ سبب ٽرينن کي روڪيو ويو، فائرنگ ۾ ھڪ ڄڻو زخمي، ٻارڙو مبينا طور گم، علائقي ۾ خوف ۽ هراس، ٽن ڪلاڪن بعد پوليس ڳوٺ ۾ پهچي صورتحال تي ضابطو آندو. تفصيل موجب روهڙي ويجھو دبر ٿاڻي جي حد ۾ جاگيراڻي برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي سڱاوتي تڪرار تان گذريل ڏينهن ٻيھر جھيڙو شروع ٿي ويو، هٿياربندن ھڪ ٻئي مٿان سڌي فائرنگ شروع ڪري ڏني. ان دوران ٻنهي ڌرين جي ڳوٺن ڀرسان گذرندڙ مين ريلوي ٽريڪ بلاڪ ٿي ويو. اهڙي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ريلوي انتظاميا رحمان بابا ايڪسپريس کي سانگي ريلوي اسٽيشن ۽ خيبر ميل مسافر ٽرين کي منڊو ديرو ريلوي اسٽيشن تي روڪي ڇڏيو. ٽن ڪلاڪن جي فائرنگ بعد ڊي ايس پي روهڙي حضور بخش سولنگي ۽ دبر پوليس ٻنهي ڌرين وٽ پهچي فائرنگ بند ڪرائي ڇڏي ۽ ريلوي ٽريڪ بحال ڪري مسافر ٽرينن کي پنهنجي پنهنجي منزل ڏانهن روانو ڪيو ويو. ھدايت الله جاگيراڻي واري ڌر جي ماڻهن جو چوڻ هو ته محمد صيفل پنهنجي 10 سالن جي پٽ غلام مصطفيٰ سان وڃي رهيو هو ته ريلوي بند وٽ لڪي ويٺل ٻِي ڌر جي ماڻهن کيس لٺيون ھڻي زخمي ڪري وڌو ۽ سندس پٽ کي غلام مصطفيٰ کي گم ڪري ڇڏيو آهي. ٻِي ڌر جي ماڻهن جو چوڻ هو ته مخالفن فائرنگ ڪري محمد اسماعيل جاگيراڻي کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو آهي جيڪو ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال ۾ داخل آهي. پوليس ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.