روهڙي (ن پ ا) روهڙيءَ ويجهو جهانگڙو ٿاڻي جي حد نيشنل ھاءِ وي تي لعل پيٽرول پمپ وٽ ٻن تيز رفتار ڪارن ۾ ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ ھڪ ٻارڙي سميت 6 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. حادثي جي زخمين  عبدالحميد پتافي، خدابخش، محمد رمضان پتافي، غلام حسين مھر، مهربان پتافي ۽ ٻارڙي عمران پتافي کي علاج لاءِ تعلقي اسپتال روهڙي ۾ داخل ڪرايو ويو آهي. زخمي گهوٽڪيءَ جا رھواسي ٻڌايا وڃن ٿا جيڪي سکر کان گهوٽڪي وڃي رهيا هئا ته گاڏي مٿين روڊ سان ايندڙ ڪار سان ٽڪرائجي وئي. ٻِي گاڏيءَ ۾ ھندو برادريءَ جا ماڻهو سوار هئا، ان گاڏيءَ جو ڊرائيور به زخمين ۾ شامل آهي. ھڪ زخمي مھربان پتافي جي حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ ڪري کيس سکر سول اسپتال ريفر ڪيو ويو. پوليس ٻنهي گاڏين کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.