روهڙي (ن پ ا) سنڌو درياءَ جي وچ ٻيٽ تي مشهور بزرگ حضرت صدرالدين بادشاھ جي 744 هين عرس جون تقريبون ڪالهه ٻئي ڏينهن به جاري رهيون. زائرين پاران روهڙيءَ جي ٻيڙي چوڪ واري علائقي مان 2 ڪلوميٽر پنڌ ڪري درگاھ تي حاضري ڀرڻ جو سلسلو جاري رهيو. زائرين جي سھولت ۽ خريداري لاءِ رستي سان ڪئمپون ۽ وڏا وڏا اسٽال قائم ڪيا ويا هئا. ان موقعي تي انتظاميا پاران ميڊيڪل ڪيمپ ۽ 1122 ريسڪيو ايمبولنس جي سھولت پڻ فراهم ڪئي وئي هئي. درگاھ انتظاميا پاران زائرين لاءِ لنگر ن۽ سبيلن جو پڻ بندوبست ڪيو ويو هو. جڏهن ته سکر پوليس طرفان سيڪورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا. ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ 300 کان وڌيڪ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن. عرس خميس تي به جاري رهندو.