روهـڙي ۾ پولنگ دوران ڇڪتاڻ: 2 ڄڻا قتل

0
308
روهـڙي ۾ پولنگ

سکر: روھڙي ويجھو يونين ڪائونسل الھجڙيو جاگيراڻي ۾ جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڇڪتاڻ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا قتل ٿيڻ جا اطلاع سامهون اچي رهيا آهن

ايس ايس پي سکر، رينجرز ۽ پوليس آفيسرن سان گڏ واقعي واري ھنڌ پھچي جائزو ورتو، جڏهن ته پوليس طرفان به ھوائي فائرنگ ڪري جھيڙيندڙ کي ھٽائڻ جون ڪوششون جاري آهن

ڇڪتاڻ سبب پولنگ اسٽيشن اندر موجود عملي ۾ خوف وارو ماحول ڇائنجي ويو

ٻئي پاسي اطلاع آهن ته فائرنگ ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا آهن، جنهن بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ جاري آهي