رياض (اسپورٽس نيوز): پرتگال جي اسٽار فٽ بالر ڪرسٽيانو رونالڊو سعودي پرو ليگ ۾ گول اسڪور ڪرڻ بعد ”سجدو“ ڪري دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽويٽر تي هڪ وڊيو تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڪرسٽيانو رونالڊو سعودي پرو ليگ دوران الشاب جي خلاف گول اسڪور ڪرڻ بعد ست رانديگرن سان گڏ سجدو ڪري رهيو آهي، جنهن تي سمورا رانديگر تاڙيون وڄائي خوشي جو اظهار ڪري رهيا آهن، رونالڊو گول اسڪور ڪرڻ بعد پنهنجي ٽريڊ مارڪ اسٽائل ۾ ”سيو“ (جشن ملهائڻ جو انداز) اختيار ڪندو هيو، جڏهن ته گذريل ڏينهن هن سجدو ڪيو، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي.

الاول پارڪ اسٽيڊيم ۾ رونالڊو جي ٽيم الشاب خلاف 2-3 تان فتح حاصل ڪئي ۽ سعودي پرو ليگ ۾ فائنل کيڏڻ جي اميدن کي زنده رکيو، واضح رهي ته اسٽار فٽبالر طرفان ميچ جي 59هين منٽ ۾ گول اسڪور ڪيو ويو هيو.