رياض (اسپورٽس نيوز) پرتگالي فٽبال اسٽار ڪرسٽينا تي به عربي رنگ چڙهي ويو آهي. گذريل ڏينهن سعودي عرب جي يومِ تاسيس جي ڏينهن رونالڊو جي سعودي عرب جي ثقافتي رقص تلوارن سان ناچ ڪندي وڊيو وائرل ٿي وئي. وڊيو ۾ کيس سعودي لباس پهريل ۽ تلوارن وارو رقص ڪندي ڏسي سگهي ٿو اهڙي وڊيو شيئر ڪندي ڪرسٽينا رونالڊو ڪپيشن لکيو ته سعودي عرب کي يومِ تاسيس مبارڪ هجي. خوشي واري هن جشن ۾ شرڪت ڪرڻ جو هڪ بهترين تجربو رهيو. ياد رهي ته پرتگالي فٽبال اسٽار سعودي عرب جي النصر ڪلب لاءِ فٽبال کيڏي رهيو آهي.