دوحا (اسپورٽس نيوز) پرتگال سان واسطو رکندڙ اسٽار فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو انسٽاگرام تي پنجاهه ڪروڙ فالوورز وارو پهريون واهپيدار بڻجي ويو آهي. پرتگالي فٽبالر کانپوءِ ٻئي نمبر تي هڪ ٻيو فٽبالر ليونل ميسي موجود آهي جنهن کي 37 ڪروڙ 60 لک کان وڌيڪ ماڻهو فالو ڪري رهيا آهن. ڪرسٽيانو رونالڊو طرفان ليونل ميسي سان هڪ تصوير پڻ 19 نومبر تي انسٽاگرام تي پوسٽ ڪئي وئي جيڪا ڪجهه ڪلاڪن اندر ئي سوشل ميڊيا نيٽ ورڪ تي ٻي سڀ کان وڌيڪ لائيڪ ڪئي ويندڙ تصوير جو اعزاز حاصل ڪري ورتو