روم: 15 ڏينهن ۾ واپس اينداسين، جيل مان 2 قيدي فرار،جيلر جي نالي انوکو خط ڇڏي ويا

0
594

روم (دلچسپ نيوز) جيل مان فرار ٿيڻ جو هي دلچسپ واقعو اٽلي ۾ هن ئي مهيني ۾ ٿيو آهي جنهن ۾ ٻه قيدي نه صرف فرار ٿيا پر جيلر جي نالي خط به لکيائون ته هو 15 ڏينهن ۾ وري واپس موٽي ايندا.داواد زوڪانووچ ۽ ليل احمتووچ نالي ٻه ويجها مائٽ جعلسازي ۽ فراڊ جي ڏوهه ۾ روم جي ربيبيا جيل ۾ قيد هئا، هنن جي سزا 2029 تائين جي هئي.پر هن مهيني جي شروعات ۾ ٻنهي هالي ووڊ جهڙو انداز اختيار ڪيو ۽ جيل مان فرار ٿي ويا، البت ان پوري واقعي ۾ دلچسپي جي ڳالهه اها آهي ته هو جيلر جي نالي تي هڪ خط لکي ڇڏي ويا آهن جنهن ۾ لکيو ويو هو ته هنن ٻنهي جون زالون ساڻن جيل ۾ گڏ آهن تنهن ڪري پوئتي گهر ۾ سندن ٻارن کي ڪجهه مسئلا درپيش آهن جن کي حل ڪرڻ لاءِ کين گهر وڃڻ جي ضرورت آهي ڇو ته في الحال ٻيو اهڙو ڪو به نه آهي جيڪو معاملن کي سنڀالي سگهي.ان ڪري هو صرف 15 ڏينهن جي لاءِ جيل مان فرار ٿي رهيا آهن ۽ وڌ ۾ وڌ 15 ڏينهن کانپوءِ هو واپس موٽي ايندا.ربيبيا جيل جي انتظاميا خط جي اصلي هجڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته اٽلي جي پوليس زوڪانووچ ۽ احمتووچ جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي پر هن خط اهو سمورو واقعو دلچسپ بڻائي ڇڏيو آهي ۽ هنن کي جيل مان فرار ٿيڻ وارن واقعن ۾ بلڪل مختلف ڪري ڇڏيو آهي.