رومانيا (انٽريسٽنگ نيوز): رومانيا جي ماحولياتي رضاڪارن پلاسٽڪ جي پنج لک بوتلن کي ري سائيڪل ڪري دنيا جي سڀ کان وڏي ٽي شرٽ تيار ڪري ورتي آهي، اها ٽي شرٽ بطور خاص ماحولياتي شعور ۽ استعمال ٿيل شين جي ري سائيڪلنگ جي اهميت تحت بڻائي وئي آهي، ٽي شرٽ جي ڪل ڊيگهه 109 ميٽر ۽ ويڪر 74 ميٽر آهي، جنهن کي کولڻ ۽ ويڙهڻ لاءِ درجنين رضاڪارن حصو ورتو، جنهن جو عملي مظاهرو 27 مارچ تي ڪيو هيو، جڏهن ته گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ هاڻي ضابطي جي ڪارروائي بعد ان جو اعلان ڪيو آهي، ٽي شرٽ کي رومانيا جي فٽبال ٽيم جي طرز تي بڻايو ويو آهي، پر ان ۾ رومانيا جي قومي جهنڊي جا رنگ به وڌا ويا آهن، مارچ جي آخر ۾ ان کي رگبي جي هڪ ميدان ۾ وڇايو ويو هيو، جنهن جون تصويرون ڊرون ذريعي ورتيون ويون هيون، ٽي شرٽ جي تياري ۾ خاص طور تي ٻارن ۽ نوجوانن حصو ورتو، جن کي بنيادي طور تي ري سائيڪلنگ جو شعور پهچائڻ هيو، رگبي اسٽيڊيم ۾ لڳ ڀڳ 120 رضاڪارن ٽي شرٽ وڇائڻ ۽ سڌي ڪرڻ ۾ مدد ڪئي، ٻئي طرف خصوصي اوزارن جي مدد سان شرٽ جي ڊيگهه ۽ ويڪر جي تصديق ڪئي وئي آهي.