رولاڪ چيني ڦوڪڻو ۽ آمريڪي سياسي هوا

0
228
مغرب جي تصوف ڏانهن موٽ

 اڄڪلهه آمريڪي ميڊيا تي چيني ڦوڪڻي جو ذڪر زور ۽ شور سان هلي رهيو آهي جيڪو ڪجهه ڏينهن آمريڪا ۽ ڪيناڊا جي مٿان هوا خوري ڪري رهيو هو.  اندازن موجب ان جي سائز ٽن وڏين بسن جيتري هئي. ان جي وزن جو اڃان پتو نه پيو آهي پر ان ۾ ڪافي اوزار لڳل هئا جيڪي جاسوسي يا ماحولياتي معلومات ڪٺي ڪرڻ جي صلاحيت رکندا هئا. اهو ڦوڪڻو سٺ هزار فوٽن جي بلندي تي اڏامي رهيو هو، جيڪو جهازن کان ڪافي مٿي آهي پر سيٽلائيٽ کان ڪافي هيٺ. چين جو چوڻ آهي ته اهو هڪ موسمياتي ڦوڪڻو هو جيڪو تيز هوائن  جي ڪري  مقرر رستي کان ڀٽڪي ويو هو ۽ رلندو اچي خير سان آمريڪا پهتو هو. هو ان غلطي لاءِ معذرت پڻ ڪري چڪا آهن. جڏهن ته آمريڪي ميڊيا ۽ سياستدان ان کي جاسوس ڦوڪڻو سڏي ان ۾ خوب سياسي هوا ڀري رهيا آهن. انهن جي بقول اهو ڦوڪڻو آمريڪا جي خفيه دفاعي اڏن، ميزائلن جي خفيه جڳهين ۽ ٻين حساس تنصيباتن جي معمولات ڪٺي ڪري چين موڪلي رهيو هو. چين اها حرڪت ڪري آمريڪي فضائي حدن ۽ عالمي معاهدن جي خلاف ورزي ڪئي آهي. هِن فسادي ڦوڪڻي سفارتي طوفان برپا ڪري رکيو آهي جنهن چين ۽ آمريڪا جي تعلقاتن ۾ ڪافي ڪشيدگي آندي آهي.آمريڪي پينٽاگون ان کي  پنهنجي قومي سالميت لاءِ خطرو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. جڏهن ته آمريڪي سيڪريٽري خارجه ايندڙ هفتي پنهنجو چين جو طئه شده دورو ملتوي ڪري پنهنجي ناراضگي جو اظهار ڪيو آهي.

چين ۽ آمريڪا جا تعلقات اڳي ئي خراب هئا ۽ ڦوڪڻي جو فياسڪو سوني تي سهاڳي جو ڪم ڪري رهيو آهي. ڪجهه ڏينهن پهرين آمريڪي هوائي فورس جي اهم جنرل مائيڪل مِنهين جو هڪ  اندروني خفيه ميمو ليڪ ڪيو ويو هو جنهن ۾هُن ٻن سالن اندر چين سان جنگ لڳڻ ۽ ان جي لاءِ تيار رهڻ لاءِ لکيو آهي. آمريڪا پهرين ئي يوڪرين ۾ روس سان سڱ اٽڪائي ويٺو آهي. هو روس کي آمريڪي ديوتا جي اڳيان سجدو ڪرڻ جو حڪم صادر ڪري چڪو آهي. ٻئي پاسي آمريڪي عوام آهي جنهن جو وڏو حصو اسٽيبلشمينٽ جي پروپيگنڊه تي يقين رکي ٿو ته اها روس کي پنهنجي اڳيان گوڏا کوڙڻ تي ضرور مجبور ڪندي.آمريڪي پروفيسر  مئير شائيمر پنهنجي سيمينارن ۾آمريڪا جي مهم جوئي ۽ ان جي روس ۽ چين سان تصادم واري پاليسي تي تنقيد ڪندو رهندو آهي. ڪجهه ڏينهن پهرين هُن انهي تناظر ۾پنهنجي هڪ خطاب ۾ ورجايو آهي ته“ اڄ اسان خطرناڪ دور ۾ رهي رهيا آهيون ۽ منهنجي خيال ۾ ان ڳالهه جو امڪان موجود آهي ته وقت گذرڻ سان دنيا اڃان وڌيڪ خطرناڪ ٿيندي” اهڙي ماحول ۾ ڪنهن به قسم جي چڻنگ ڀنڀٽ ٻاري سگهي ٿي جنهن کان پاسو ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي.

 ٻي پاسي وري چين خطي ۾ پهرين کان وڌيڪ معاشي ۽ فوجي طاقت طور پاڻ کي مڃائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ تائيوان کي واپس چين ۾ شامل ڪرڻ لاءِ آتو آهي جيڪا آمريڪي خارجه پاليسي سان متصادم ٿي رهي آهي.آمريڪي امراءُ، اسٽبلشمينٽ ۽ ملٽري انڊسٽريل ڪمپليڪس، سوويت يونين جي ٽٽڻ ۽ ڪميونيزم جي شڪست کان پوءِ ٻئي ڪنهن به، ڪابه طاقت کي پنهنجي اڳيان نه اڀري اچڻ جو عهد ڪيو هو. پر روس جي يوڪرين تي حملو ۽ چين جو تائيوان کي هر حال ۾ واپس وٺڻ جو عهد آمريڪا لاءِ ناقابلِ برداشت آهي. پروفيسر مئير  چين ۽ آمريڪي تصادم کي سمجهائيندي اهو چيو آهي ته ٻي عالمي جنگ ۽ ان کان پوءِ واري سرد جنگ جي مقابلي ۾ اڄ جي صورتحال وڌيڪ خطرناڪ آهي. چين جي لاءِ تائيوان کي واپس ڌرتي ماءُ ۾ شامل ڪرڻ قومي غيرت ۽ وقار جو سوال آهي ۽ آمريڪا پورو زور لڳائيندو ته تائيوان واپس چين ۾ شامل نه ٿئي. تائيوان جو چين ۾ واپس ٿيڻ کان پوءِ هُن جي لاءِ ڪوريا کي واپس وٺڻ آسان ٿي ويندو ۽ هو دنيا جي سڀ کان وڏي معاشي ۽ سياسي طاقت بڻجي ويندو. اها صورتحال نه رڳو آمريڪا پر جپان، آسٽريليا ۽ انڊيا جي لاءِ پڻ قابلِ قبول ڪونهي. انڊيا جنهن جو اڳي ئي چين سان سرحدي تڪرار هلي رهيو آهي ۽ هو پاڻ سپر پاور ٿيڻ جي تمنا رکي ٿو تنهن لاءِ ان جي پاڙي ۾ چين جو دنيا جي سڀ کان وڏي طاقت بنجڻ  کي هضم ڪرڻ مشڪل آهي. جپان جي لاءِ صورتحال ان کان وڌيڪ خراب آهي جنهن جو ماضي  هزارين بي گناهه  چيني ماڻهن جي خون سان داغدار آهي

آمريڪا سميت دنيا ۾ ڪافي ماڻهو اهو سوال ڪري رهيا آهن ته ان ڦوڪڻي کي ايترا ڏينهن اڏامڻ جي آزادي ڇو ڏني وئي هئي جڏهن ته آمريڪا وٽ اها صلاحيت موجود آهي ته هو ان کي آساني سان ڌرتي تي لاهي سگهيو ٿي. آخر آمريڪا ان کي آزاد ڇڏي ڇا حاصل ڪرڻ پئي چاهيو.بقول هڪ سابق  ڪينيڊين جنرل جي ته اهو آمريڪا لاءِ چين پاران تحفو هو جنهن کي هن پنهنجي سياست چمڪائڻ لاءِ خوب استعمال ڪيو آهي ۽ اڳتي هلي به ڪندو. هُن جي ڳالهه ۾  وزن آهي.  ان کي آزاد ڇڏي ڏيڻ جو مقصد اهو سمجهائي ٿو ته آمريڪين کي پڪ هئي ته ان ڦوڪڻي ۾ ڪا خاص خطري جي شيءَ نه آهي.  پر هو ان موقعي مان  وڌ کان وڌ سياسي فائدو وٺي رهيا آهن. ماڻهن ۽ ميڊيا تي ان ڦوڪڻي جو ذڪر جيترو وقت رهندو اوترو وقت  عوام جي توجهه مقامي مسئلن تان هٽيل رهندي. آمريڪي اسٽيبلشمينٽ خوب پروپيگنڊه ڪري چين کي آمريڪي سلامتي لاءِ خطرو قرار ڏئي پنهنجي اصل مقصدن لاءِ استعمال ڪندي وغيره وغيره. اهو ڦوڪڻو يا اهڙا ٻيا هوائي ٻيڙا جيترو وقت هوا ۾ رهندا اوترو وقت زمين تي ان جو ذڪر ۽ سياست هلندي رهندي. آمريڪا پوري ڪوشش ڪري رهيو آهي هو دنيا کي بانور ڪرائي ته هو امن پسند، جمهوري ملڪ آهي جڏهن ته چين ۽ روس هُن جي امن پسندي جي راهه ۾ رڪاوٽ آهن. هو دنيا کان ان نيڪ ڪم ۾ ساهتا جي تمنا ڪري رهيو آهي. پر اڃان تائين مغرب کان ٻاهر علاقائي طاقتون جن ۾ برازيل، ترڪي، سعودي، انڊونيشين، انڊين  وغيره شامل آهي سي پاسيرا رهي اهو تماشو ڏسي رهيا آهن ۽ انتظار ڪري رهيا آهن ته اُٺ ڪهڙي پاسي ٿو ويهي.

ان فسادي ڦوڪڻي ڪينيڊين ۽ آمريڪي دفاعي صلاحيتن لاءِ سوال کڙو ڪري وڌو آهي ته باوجود ان جي ته  اهو ڦوڪڻو ڪجهه ڏينهن تائين انهن ملڪن جي سرحدن ۾ آوارگي ڪري رهيو هو پر انهن ملڪن کي خبر به نه پئي؟ اهو ڦوڪڻو انهن ملڪن جي جاسوسي جي ادارن جي ڪارڪردگي لاءِ نوان سوال کڙا ڪري ويو آهي.آخر اهو ڪهڙو سپر پاور آهي جيڪو ڦوڪڻي کي نه ٿو سنڀالي سگهي؟ وڏا چوندا هئا ته شڪ جو علاج لقمان حڪيم وٽ به ڪونه هو. اڄ جي جديد دور ۾ جتي سيٽلائيٽ خلا ۾ ڀريا پيا آهي جيڪي ٻين ملڪن جي جاسوسي ڪري رهيا آهن. ان کان علاوه ڊرون آڪاش ۾ ڊوڙي رهيا آهن جيڪي پڻ اهو ڪم بخوبي انجام ڏئي رهيا آهي ۽ اهڙي وقت ۾ ڦوڪڻو ڇو؟ ان ۾ ضرور ڪو راز آهي جنهن جي کوج جاري آهي.