ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي احتساب عدالت روفي بلڊر جي مالڪن منظور روفي ۽ احمد روفي خلاف ريفرنس ري اوپن ڪرڻ جو حڪم ڏيندي منظور روفي ۽ احمد روفي جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. احتساب عدالت ڄاڻايل بلڊرز خلاف نيب پاران ريفرنس ري اوپن ڪرڻ بابت داخل ڪيل درخواست منظور ڪري ورتي، عدالت جوابدارن ۽ نيب کي ريفرنس جي پيروي ڪرڻ جي به هدايت ڪئي آهي، عدالت چيو ته جوابدار نيب سان ڪيل پلي بارگين وارا شرط پورا ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن، جڏهن ته نيب جي اسپيشل پراسيڪيوٽر زاهد بالادي عدالت کي ٻڌايو ته عدالت 29 مئي 2019ع تي جوابدارن جي پلي بارگين جي درخواست منظور ڪئي هئي، جوابدارن متاثرن کي ليز نه ڏني ۽ نه ئي شرط پورا ڪيا آهن. ان موقعي تي جوابدارن جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڪيترن ئي متاثرن کي ليز ڏني وئي آهي، اهو عمل اڃا جاري آهي، نيب موجب جوابدارن 2004ع ۾ سپر هاءِ وي تي روفي گلوبل سٽي نالي پروجيڪٽ جو اعلان ڪيو هو، بلڊرن 270 کان وڌيڪ الاٽيز کي ادائگي باوجود نه پلاٽ ڏنا ۽ نه ئي وري کين ليز ڏني وئي.