بتائسڪ (انٽرسٽنگ نيوز) روس ۾ عورت جو لاش پالتو ٻِليون کائي ويون. روسي شهر بتائسڪ ۾ ٻليون پاليندڙ عورت جي لاش کي 20 “مين ڪون” پالتو ٻليون ٻن هفتن تائين کائينديون رهيون. پوليس جو چوڻ هو ته عورت جو گهر ۾ اوچتو موت ٿي ويو ۽ هن جو لاش گهر ۾ پيل هو ۽ ڪنهن کي سندس موت جي خبر نه پئجي سگهي، اهڙي ريت ٻن هفتن تائين هن جو لاش گهر ۾ فرش تي پيل رهيو. پوليس جي بيان موجب عورت بابت تڏهن خبر پئي جڏهن هن جي آفيس ۾ ساڻس گڏ ڪم ڪندڙ هڪ ٻي عورت هن کي فون ڪئي، جڏهن فون تي ڪو جواب نه ملي رهيو هو ته عورت پوليس کي اطلاع ڪيو. جانورن جي بچاءَ جي هڪ ماهر عورت ميڊيا کي ٻڌايو ته اهي ٻليون ٻن هفتن کان اڪيليون هيون، کاڌو نه هو ته اهي ٻيو ڇا کائين ها، ان لاءِ هنن مالڪڻ جي لاش کي کائڻ شروع ڪيو.