روس ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ زهريلي گيس ڀرجڻ سبب 52ڄڻا فوت

0
475

سائبيريا (م ڊ) روس ۾ گذريل ڏينهن ڪوئلي جي کاڻ ۾ زهريلي گيس ڀرجڻ سبب فوتين جو انگ 50 کان وڌي ويو آهي، سائبيريا ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ زهريلي گيس ليڪيج سبب فوتين جو انگ وڌي 52 ٿي ويو آهي ۽ ان سانحي کي سويت يونين ٽٽڻ بعد روس ۾ ڪوئلي جي کاڻ جو بدترين واقعو قرار ڏنو پيو وڃي

ميڊيا رپورٽس موجب، ڪوئلي جي کاڻ ۾ پيش آيل واقعي ۾ 6ريسڪيو ورڪرز به فوت ٿي ويا، ريسڪيو ورڪز کاڻ ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ لٿا هئا، ريجنل انويسٽيگيشن ايجنسي جي سربراهه جو چوڻ آهي ته کاڻ جي مالڪ سوڌو ٽن عهديدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي