روس ۾ پڇ ڳنڍيل 5 ڪوئا هٿ، سائنسدانن جا مٿي تي هٿ اچي ويا

0
501

ماسڪو(دلچسپ نيوز) روس ۾ پڇ ڳنڍيل 5 ڪوئا هٿ، سائنسدانن جا مٿي تي هٿ اچي ويا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب هن وقت تائين سائنسدانن کي ڪيتريون ئي قدرتي ڳالهيون اچرج ۾ وجهنديون رهيون آهن تنهن هوندي به اهڙيون ڪجهه ئي شيون يا ڳالهيون هونديون جن بابت سائنسدان ڪي سبب نه ٻڌائي سگهيا آهن انهن ۾ ريٽ ڪنگ به شامل آهي. روس ۾ هڪ هاري کي سندس ٻوڏ ۾ ٻڏي ويل ٻني مان پڇ ڳنڍيل 5 ننڍن ڪوئن جي ٽولي هٿ آئي آهي، هاري انهن هٿ آيل ڪوئن جون تصويرون ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري ڇڏيون، تصويرون ۽ وڊيوز وائرل ٿيڻ بعد صارفين دلچسپ تبصرا شروع ڪري ڇڏيا جڏهن ته  سائنسدان به حيران ٿي ويا آهن. ان حوالي سان سائنسدانن جو چوڻ آهي ته ڪجهه ڪوئن جو پڇ هڪٻئي ۾ پاڻمرادو ٻڌل هجڻ ڪري اهي ڳنڍجي ويندا آهن. سائنسدانن موجب ڪوئن جي ان ڳنڍجڻ کي ريٽ ڪنگ سڏيو ويندو آهي، اهو عمل 16 هين صدي کان آهي، سندن چوڻ آهي ته هن وقت تائين اهو نه ڄاڻي سگهيا آهيون ته انهن ڪوئن جا پڇ ڪهڙي طريقي سان هڪٻئي سان ڦاسي هڪ ڳنڍ جيان بڻجي وڃن ٿا.سائنسدانن کي اها به خبر ناهي پئجي سگهي ته اهو ڪو قدرتي عمل آهي يا انسانن جو پيدا ڪيل خام خيالي تي ٻڌل مسئلو آهي.روس جي ٻوڏ ۾ ٻڏل ٻني مان ريٽ ڪنگ جو ملڻ هڪ ڀيرو ٻيهر ان جي وجود تي بحث جو سبب بڻجي رهيو آهي.