ماسڪو(م ڊ) روس جي هڪ اسڪول ۾ هٿياربند شخص فائرنگ ڪري 7 ٻارن سميت 13 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو. واقعو روس جي شهر ازهوسڪ ۾ پيش آيو. هٿياربند جي فائرنگ سبب 7 ٻارن سميت 13 ڄڻا مارجي ويا. جڏهن ته 14 ٻارن سميت 21 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پوليس ٻڌايو ته حملي آور پهريان سيڪيورٽي گارڊ کي قتل ڪيو ان کان پوءِ اسڪول ۾ داخل ٿي ٻارن مٿان فائرنگ ڪري ڏني. اختيارين ٻڌايو ته ٻارن مٿان فائرنگ کان پوءِ حملي آور پاڻ کي به گولي هڻي آپگهات ڪري ڇڏيو. حملي آور کي ڪاري رنگ جي ٽي شرٽ پاتل هئي. حملي آور پاران ڪيل حملي جي مقصد جي باري ۾ ڪي به تفصيل سامهون ناهن اچي سگهيا. واقعي کان پوءِ علائقي ۾ 29 سيپٽمبر تائين سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي.