رياض (م ڊ) روس ۽ سعودي عرب 2023 جي آخر تائين تيل جي پيداوار ۾ گهٽتائي جو فيصلو ڪيو آهي. سعودي توانائي بابت وزير شهزادي عبدالعزيز بن سلمان ۽ روس جي نائب وزيراعظم تيل منڊي ۾ توازن جي حوالي سان اوپيڪ پلس جي ڪوششن جو جائزو ورتو. ڌرين ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته اوپيڪ پلس آڪٽوبر 2022 ۾ جيڪو فيصلو ڪيو هو ان موجب 2023 جي پڄاڻي تائين روزانو 20 لک بيرل پيٽرول جي پيداوار ۾ گهٽتائي جي پابندي ڪئي ويندي.