اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان طرفان آرڊر ڪيل پهريون روسي ڪچي تيل جو ٽيسٽ ڪارگو 24 مئي تائين ملڪ پهچندو. پيٽروليم ڊويزن جي ذريعن موجب روس کان ڪچي تيل جو پهريون ٽيسٽ ڪارگو 24 مئي تائين پاڪستان پهچڻ جو امڪان آهي ۽ روس کان گھرايل ڪچو تيل پاڪستان کي سستو پوندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته روسي تيل عالمي مارڪيٽ کان ڪيترو سستو ملندو، اهو طئي ٿيڻ اڃا باقي آهي، روس جو تيل گهرائڻ جي حوالي سان ڪمرشل ڊيل پاڪستان اسٽيٽ آئل ڪري رهيو آهي. ذريعن موجب پاڪستان سستي تيل جي مد ۾ روس جو پهريون ٽيسٽ ڪارگو ڪجهه ڏينهن اڳ آرڊر ڪيو آهي. پاڪستان جو ضرورت جو 25 کان 30 سيڪڙو تيل روس کان خريدڻ جو منصوبو آهي، جڏهن ته روسي تيل پاڪستان کي عالمي مارڪيٽ ۾ ڀيٽ ۾ سستو ملڻ جو امڪان آهي.