ڪراچي: واپار واري وزارت روس مان ڪڻڪ گهرائڻ عيوض  پٽاٽا ڏيڻ واري تجويز ( جنس عيوض جنس ) تي ٽي سي پي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، جڏهن ته ٽي سي پي اختيارين وري  پروپوزل جوڙڻ لاءِ اجلاس گهرائي ورتو آهي، واپار واري وزارت موجب هيل پاڪستان ۾ پٽاٽن جو بمپر فصل لٿو آهي، ملڪي پيداوار 7.5 ملين ٽن ۽ کپت 4 ملين ٽن آهي، روسي ڪڻڪ  عيوض 3.5 ملين ٽن واڌو پٽاٽا اماڻي پرڏيهي ناڻو  بچائي سگهجي ٿو، جڏهن ته آبادگارن کي به ايڪسپورٽ  جو فائدو ٿيندو